شڪارپور: پيرا ميڊڪل ايسوسيئشن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي ڊي ايڇ او وسيم الدين شيخ جي حق ۾ ريلي

WhatsApp Image 2024-08-24 at 20.34.02_65ad3e77

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو  ) شڪارپور ۾ ليڊي هليٿ ورڪرن، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسيوسيئيشن ۽ ڊاڪٽرن پاران ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وسيم الدين شيخ جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي عبدالرحمان شر، سھراب لاشاري، اطھر شاهه سميت خانپور، لکي غلام شاهه، مديجي، ڳڙھي ياسين تعلقن ۾ عمران شاهه خلاف ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين الزام مڙھيندي چيو ته عمران شاهه ڪروڙين روپين جون دوائون وڪرو ڪيون آهن جنھن جي اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين وٽ انڪوائري هلندڙ آهي، هنن چيو ته ڊي ايڇ او وسيم شيخ هڪ نھايت ئي شريف ۽ ايماندار شخص آهي ان مٿان ڪوڙا الزام لڳڻ جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته ڪرپٽ اڪائونٽنٽ عمران شاهه خلاف انڪوائري جلد مڪمل ڪري هن خلاف قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *