ڏهرڪي: کينجهو ۾ هٿياربندن جو ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي مبينا حملو، 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي

20250319_220919.jpg

ڏهرڪي ( رپورٽ: سلمان ڀٽو ) کينجھو واري علائقي ۾ پنھنجي زرعي زمين تي ويندڙ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي ڄام مھتاب ڏھر مٿان نامعلوم ھٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪري مٿس انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر جو محافظ ظفر ڏھر موقعي قتل ٿي ويو

سندس جو ڊرائيور اختر پٺاڻ رحيم يار خان اسپتال نيئندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، هڪ ڄڻو اسد شاهه پڻ زخمي ٻڌايو پيو وڃي، جنهن کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، اهڙي واقعي بعد گهوٽڪي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي

ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول ظفر ڏهر جو مڙهه ۽ ٻن زخمين کي کڻائي ڏهرڪي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو، جنهن بعد هڪ زخمي اختر پٺاڻ رحيم يار خان نيئندي رستي ۾ دم ڏنو

واقعي جي ٻنهي مقتولن جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *