ڏهرڪي ڀرسان وطن دوست مزدور فيڊريشن جو اجلاس ٿي گذريو

WhatsApp Image 2025-02-13 at 14.02.22_2f4c7f8a

ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) اجلاس مرڪزي اڳواڻ صدر ايڊووڪيٽ جمشيد احمد فيض صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ وطن دوست مزدور فيڊريشن جي مرڪزي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ان موقعي تي وطن دوست فيڊريشن جي مرڪزي باڊي پڻ ٽوڙي وئي، چونڊون ڪرائڻ جو اعلان، محنت ڪش طبقي جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو

مرڪزي اڳواڻ لکمير فقير مهر، مزدور اڳواڻ موج سميجو، سرور عباسي ۽ ٻين خطاب ڪيو،  سندن چوڻ هو ته لاڙڪاڻو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪجهه اڳواڻن طرفان اليڪشن جو ڊرامو رچائي، فيڊريشن کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي جنهن کي رد ڪريون ٿا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *