شاهپور جهانيان: جسقم ضلعي نوابشاهه جو تنظيمي اجلاس ٿي گذريو

WhatsApp Image 2024-08-24 at 20.18.53_99da20a1

شاهپور جهانيان ( ويب ڊيسڪ ) جيئي سنڌ قومي محاذ اڳواڻ سرفراز ميمڻ، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾عبدالحنان عباسي مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، اجلاس جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، اجلاس ۾ سڀني ڪارڪنن جي مطفقه راءِ سان ٽي رڪني ضلعي آرگنائيزنگ باڊي چونڊي، جنهن ۾ چيف آرگنائيزر سيد ناصر حسين شاهه، ڊپٽي آرگنائيزر ڪاشف لاکو، آرگنائيزر نظير ڏاهري چونڊيا ويا، ڪارڪنن جي اڪثريتي راءِ سان مقرر ٿيل عهديدارن جو اعلان ضلعي نوابشاهه جي سينيئر ڪارڪن ڊاڪٽر الهرکيو ڪلهوڙو ڪيو، جڏهن ته جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ عهديدارن کي حلف کڻايو، ان موقعي تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ هن وقت ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي، پاڻ سڀني کي ويڇا وساري هڪ ٿيڻو پوندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *