ڏهرڪي ۾ هندو ميگهواڙ پنچائت جي نئين چونڊيل مکي جي حلف برادري تقريب ٿي گذري

WhatsApp Image 2025-01-25 at 12.43.20_e1f5bd3e

ڏهرڪي ( اسٽاف رپورٽر ) ميگهواڙ هندو پنچائت جي نئين چونڊيل مکي جي حلف برداري تقريب پنچائتي حال ۾ ٿي گذري، حلف برداري تقريب ۾ پنجاب سميت سنڌ جي مختلف شهرن پنوعاقل، ڪشمور، گهوٽڪي، سکر ۽ ٻين مان ميگهواڙ برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي نئين چونڊيل مکي ڊاڪٽر دادن عرشي کي سنڌ جي ثقافت بوزڪي جو پٽڪو پارايو ويو، تقريب کي نئين چونڊيل مکي ڊاڪٽر دادن عرشي خطاب ڪيو سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي برادري جو نهائت شڪر گذار آهيان جن مون تي اعتماد جو اظهاري ڪري مون کي پنچائت جو مکي چونڊي برادري جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي هن چيو ته انشاالله برادري پاران ڪيل اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندس، هوڏانهن ميگهواڙ برادري جي ماڻهن وچن ڪيو ته اسين نئين چونڊيل مکي ڊاڪٽر دادن عرشي مان پراميد آهيون ته هو برادري جي هر مسئلي تي برادري سان گڏ بيٺل رهندو، هنن چيو ته اسين اميد ڪريون ٿا ته نئون چونڊيل مکي ميگھواڙ ڪميونٽي ۾ ننڍن توڙي وڏن ۾ دنياوي تعليم سان گڏوگڏ ڌرمي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڪوشش ڪندو، مدي خارج رسمن کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي برادري جي بھتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *