غزه ۾ جنگ بندي نه ٿي سگهي، دهشتگرد اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 14 فلسطيني شهيد

Photo_26204

غزه ۾ جنگ بندي نه ٿي سگهي، اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 14 فلسطيني شهيد،5 زخمي، اسرائيلي حملن ۾ اولهه ڪناري ۾ جينين ڪيمپ کي تباهه ڪيو ويو، ڪيترائي فلسطيني گرفتار ، جـيَنين ۾ جبري لڏپلاڻ کانپوءِ هزارين فلسطيني بي گهر ٿي ويا، ڪيتريون ئي نيون چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون، صهيوني فوج اولهه ڪناري ۾ ڪيترن ئي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جيـَنين ۾ حماس مجاهدين ۽ اسرائيلي فوج وچ ۾ چڪريون جاري، القدس برگيڊ موجب، حماس مجاهدن اسرائيلي فوجي گاڏي تي حملو ڪيو، حملي ۾ ڪيترائي صهيوني فوجي سخت زخمي ٿيا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *