چئن اسلامي ملڪن پاڪستان اندر مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو

Photo_25837 (1)

چئن اسلامي ملڪن پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي صدارت هيٺ ايس آءِ ايف سي اجلاس جا منٽس جاري، سعودي عرب مائننگ، انڊسٽري، پيٽروليم، توانائي، نجڪاري، مواصلات ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري ڪندو، گڏيل عرب امارات مائننگ، پرائيويٽائيزيشن، ڪميونيڪيشن اينڊ لاجسٽڪ، پورٽ آپريشن، ميري ٽائم، ايئرپورٽس، ڪسٽم ۾ سيڙپڪاري ڪندو، آذربائيجان مائننگ، آئل اينڊ گئس ۾ سيڙپڪاري ڪندو، سعودي عرب، يو اَي اِي، ڪوويت، آذربائيجان ۽ قطر 29 ارب روپين جي سيڙپڪاري جو واعدو ڪيو آهي، سعودي عرب ۽ يـُو اَي اِي ايئرپورٽ خريد ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *