ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ خوشخبري آئي سي سي پاران چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيول جاري

WhatsApp Image 2024-12-24 at 18.04.44_e1fdd696

ميگا ايونٽ 9 فيبروري کان 16 مارچ 2025ع تائين کيڏيو ويندو، ڀارت جا سمورا ميچ هائبرڊ ماڊل تي ٿيندا، پاڪ ڀارت ٽاڪرو 23 فيبروري تي دبئي ۾ کيڏيو ويندو

ميگا ايونٽ ۾ ڪل 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن جن، پاڪستان، آسٽريليا، سائوٿ آفريڪا، بنگلاديش، افغانستان، نيوزيلينڊ، ڀارت ۽ انگلينڊ شامل آهن، ڀارت جا سمورا ميچ هائبرڊ ماڊل يعني دبئي ۾ کيڏيا ويندا،

هڪ سيمي فائنل دبئي ۽ ٻيو پاڪستان ۾ ٿيندو، ميگا ايونٽ جو فائنل لاهور شيڊيول ڪيو ويو جيڪڏهن ڀارت فائنل ۾ پهتو فائنل ميچ دبئي ۾ کيڏي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *