پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان برقرار
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان برقرار، هنڊريڊ انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي، ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن به اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات تي ئي تيزي ڏسڻ ۾ آئي، ٽريڊنگ دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 16 سئو کان وڌيڪ پوائنٽس جو اضافو ٿيو ،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 6 هزار 757 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي
