فرانس ۾ سياسي بحران وڌي ويو فرانسيسي وزيراعظم مشيل بانيئر جي حڪومت ختم
فرانس ۾ سياسي بحران وڌي ويو، فرانسيسي وزيراعظم مـِشيل بانيئر جي حڪومت ختم، فرانس جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ ڪامياب،فرانسيسي وزيراعظم مـِشيل بانيئر ٽن مهينن کانپوءِ عهدي کان فارغ، فرانس جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ پارليامينٽ مان منظور، 577 رڪني پارليامينٽ ۾ بي اعتمادي لاءِ 288 ووٽ گهربل هئا، پارليامينٽ ۾ ميمبرن بي اعتمادي جي حق ۾ 331 ووٽ وڌا، وزيراعظم بارنيئر اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ خصوصي اختيارن تحت بجيٽ لاڳو ڪيو هو
