شاهپور جهانيان: يوسي ڦليل جي ڳوٺ عمر سيٺر ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ خلاف رهواسين جو احتجاج

WhatsApp Image 2024-08-24 at 17.08.46_74fd0625

شاهپور جهانيان ( رپورٽ: اسد ٻگهيو  ) يوسي ڦليل جي ڳوٺ عمر سيٺر ۾ مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري علائقي واسي مليريا، پيچس، خارش ۽ ٻين موضي مرضن ۾ وڪوڙجڻ لڳا، ڳوٺاڻن پاران محمد سليمان ملاح، واحد بخش، عثمان ملاح، قمبر علي ۽ ٻين احتجاج ڪيو آهي متاثرن دانهيندي چيو ته هڪ پاسي برسات جو پاڻي گهرن اڳيان تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي ته ٻئي پاسي مڇرن زندگي زھر ڪري ڇڏي آهي نه ڏينهن جو سڪون آهي ۽ نه ئي رات جو آرام اچي ٿو، هنن چيو  ته يوسي ڦليل چيئرمين شاهد اقبال آرائين ووٽ وٺڻ بعد اسان جي ڳوٺ ڏانهن ليئو ناهي پاتو، چيئرمين بااثرن ۽ من پسند ماڻهن جي ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي ٿو، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي بيمارين کان بچايو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *