ڀارتي گلوڪار تعريف ڪن ٿا، پاڪستاني فنڪار مون سان ساڙ ڪندا آهن: چاهت فتح علي خان

WhatsApp Image 2024-11-26 at 18.33.00_f42ce4bf

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوشل ميڊيا تي پنهنجي انوکي گلوڪاري انداز سبب مشهوري ماڻيندڙ چاهت فتح علي خان جو چوڻ آهي ته پاڪستاني راڳي مون سان ساڙ ڪن ٿا،

سوشل ميڊيا تي چاهت فتح علي خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾هن پنهنجي گلوڪاري بابت ويچار ونڊيا آهن

چاهت فتح علي خان جو چوڻ آهي ته مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڀارت جا ليجنڊ گلوڪار، پرڊيوسر ۽ هدايتڪار منهنجي ساراهه ڪن ٿا، پر پاڪستاني، گلوڪار، موسيقار ۽ اينڪر مون خلاف واويلا ڪري رهيا آهن

هن چيو ته خدا جي واسطي ائين نه ڪريو، خوش رهو، بس پنهنجي ڪم سان ڪم رکو، جيئن مان ڪم ڪري رهيو آهيان

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *