بدين: نصير ڪئنال تي پل نه هئڻ سبب ٻار والدين جي ڪلهن تي چڙهي اسڪول وڃن ٿا

WhatsApp Image 2024-11-26 at 17.16.45_a5218365

يوسي ٻڍو قمبراڻي جي ديهه ڪانگڻي ۾ موجود گورنمينٽ هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي جا شاگرد ۽ شاگرياڻيون نصير ڪئنال  تي پل نه هجڻ سبب اسڪول اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، شاگرد ۽ شاگرياڻيون والدين  جي ڪلهي تي چڙهي اسڪول پهچڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ شاگردن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نصير ڪئنال  تي پل نه هجڻ سبب اسان کي پنهنجن ٻارڙن کي ڪلهن تي کڻي ڪئنال  پار ڪرائڻو پوي ٿو، ٻارن کي ڪلهي تي کڻي اسڪول پهچائڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو رستو ناهي، هر وقت خوف جا شڪار هوندا آهن، ڇو ته ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل هوندي آهي، شاگرد اسڪول به دير سان  پهچن ٿا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *