ٻيون ون ڊي: زمبابوي پاران پاڪستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ اڄ کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ زمبابوي پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي
ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي زمبابوي ڪپتان چيو ته ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي
قومي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته جيڪڏهن اسان ٽاس کٽيون ها ته پهرين بيٽنگ ڪريون ها، هر ڏينهن ۽ هر سيريز اسان لاءِ نئين آهي
بلاوايو ۾ کيڏي ويندڙ هن ميچ ۾ پاڪستان جا ٻه رانديگر ابرار احمد ۽ طيب طاهر پهريون ڀيرو پاڪستان لاءِ ون ڊي انٽرنيشنل کيڏي رهيا آهن
واضح رهي ته پهريون ون ڊي ميچ برسات سبب متاثر ٿيو هو، جنهن ۾ زمبابوي کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 80 رنسن تان ڪاميابي ملي هئي
