پي ٽي آئي کي روڪڻو آهي ته طاقت جي استعمال کانسواءِ ڪو رستو ناهي: خواجه آصف
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته هن وقت فيصلي واري صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي، ڳالهين جي ڪوششن جو ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، پي ٽي آءِ سمجهي ٿي ته ڊي چوڪ وڃڻ گهرجي، حڪومت وٽ طاقت جي استعمال کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي
خواجا آصف چيو ته بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني ذاتي ايجنڊا تي آهن، بشرا بي بي کي ليڊر بنجڻ لاءِ موقعو مليو آهي بشرا بي بي ان مان ڀرپور فائدو وٺندي، بئريسٽر گوهر ۽ ٻين سنجيدگي سان ڳالهين جي ڪوشش ڪئي
