پي ٽي آئي احتجاج! شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي 4 شهيد 5 زخمي
اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران سرينگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اهلڪارن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي نتيجي ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 5 رينجرز ۽ 2 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا
سڪيورٽي ذريعن موجب شرپسندن پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ٿيل حملن ۾ هن وقت تائين 4 رينجرز ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن
سڪيورٽي ذريعن موجب هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي
سڪيورٽي ذريعن موجب آرٽيڪل 245 تحت پاڪ فوج کي به طلب ڪيو ويو آهي ۽ واضح ڪيو ويو آهي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي
