مظاهرين وٽ اهڙا هٿيار آهن، جيڪي رڳو پوليس وٽ هوندا آهن: مريم نواز
لاهور (ويب مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز پي ٽي آءِ جي احتجاج کي دهشتگردي جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ مريم نواز چيو ته مختلف جاين تي پوليس تي فائرنگ ڪئي وئي، 20 کان وڌيڪ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو زخمي ٿيڻ افسوسناڪ آهي، پي ٽي آءِ جو احتجاج دهشتگردي جي ڪوشش آهي.
هن چيو ته احتجاج ڪندڙن وٽ شارٽ مشين گن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس، چاقو ۽ ماسڪ وغيرا به ڏٺا ويا، اهڙا هٿيار استعمال ٿيا، جيڪي رڳو پوليس وٽ هوندا آهن، هڪ صوبي جي پوليس جو ٻئي صوبي تي حملو قومي يڪجهتي کي چٿڻ برابر آهي.
