عثمان شاھ ھڙي: ٽالپر هائوس تي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي آمد
عثمان شاهه ھڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) نيو مير آباد ۾ پ پ اڳواڻ چئيرمين ضلع ڪائونسل ٽنڊوالهيار مرحوم مير محمد غلام پپو ٽالپر جي وفات تي سندس وڏي فرزند مير سھيل ٽالپر سان سنڌ جو صوبائي وزير ورڪس ۽ سروسز حاجي علي حسن زرداري تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ٽالپر برادري جي معززن مير منصور ٽالپر، مير ذوالفقار، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز عباسي، ڊي سي ٽنڊوالهيار سليم الله اوڍو ۽ ٻيا موجود هئا
