ٺاروشاهه ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ميوزيڪل پروگرام منعقد
ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) فنڪار ساجد علي ساجد، رئوف مگسي، اعجاز خاصخيلي، لياقت سولنگي ۽ ٻين ثقافتي ۽ قومي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته پروگرام ۾ شامل ماڻهن ثقافتي ويس اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي پهرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو وچن ڪيو، اڳواڻن چيو ته اسين سنڌي هر سال ڊسمبر جي پهرين آچر تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ثقافتي ميلا مچائي هزارين ساله قديم ثقافت کي اجاگر ڪندا آهيون،
