پي ٽي آءِ جو احتجاج، حڪومت ڪريڪ ڊائون لاءِ تيار، انٽرنيٽ سروس متاثر، اسلام آباد ويندڙ رستا سيل

387875_2608933_updates

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڄوڪي احتجاج کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد ۾ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا آهن

26 چونگي کي مڪمل طور تي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو ۽ رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سرينگر هاءِ وي کي به زيرو پوائنٽ تان بند ڪيو ويو آهي

کنا پل تي ايڪسپريس وي کي به ٻنهي طرفن کان بند ڪيو ويو آهي. ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ روڊ تي به ڪنٽينر به رکيا ويا، جڏهن ته فيض آباد کان اسلام آباد ويندڙ روڊ کي به بند ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *