اوٻاوڙو: قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڪار ۾ ٽڪر 2 ڄڻا فوت
اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) قومي شاهراهه تي الائنس شگر مل سامهون ڪار ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ ڪار سوار 2 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال کڻائي آئي جتي فوتين سڃاڻپ ببر خان ۽ شهباز خان جي نالن سان ڪئي وئي، هوڏانهن ٽريڪٽر ٽرالي جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ٽريڪٽر ٽرالي کي اوٻاوڙو پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
