ڪنڌڪوٽ: اچانڪ موڙ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ هڪ ڄڻو قتل لاش اسپتال منتقل
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽر ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان پنهل محمداڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعو ڀنگوار محمداڻي تڪرار تان پيش آيو، مقتول نوجوان جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا آهن، مقتول نوجوان جو مڙهه گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو
