ڏهرڪي ۾ ناجائز  حددخلين خلاف شهرين  جو 10هين ڏينهن به احتجاج

WhatsApp Image 2024-11-23 at 14.48.32_7a7d0933

ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) هائي ڪورٽ جي  حڪم تي عمل ڪندي مزدورن کي متبادل جڳهه فراهم ڪرڻ جو مطالبو، مزدورن جي احتجاج ۾ سياسي سماجي اڳواڻ ڄام عبدالواحد سميجو ھمدردي لاءِ پهتو، ڄام عبدالواحد سميجو ڳالهائيندي چيو ته ڄام عبدالفتاح سميجو جي حڪم تي اڄ مزدورن وٽ پھتو آھيان ۽ ڄام فتاح بھ ٻاھرين ملڪ جو دورو ڪري ڏيهه پهتو آھي ۽ هو جلد مزدورن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪندو،

سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ اسان پنھنجي زندگي مزدورن لاءِ جدوجھد ۾ وقف ڪئي آھي ۽ ھن مشڪل گھڙي ۾ بھ بيروزگار ٿيل مزدورن سان گڏ آھيون، جڏهن ته ريڙھي اڳواڻ صادق لغاري ڳالهائيندي چيو ته اسان ڄام عبدالواحد سميجو جا شڪر گذار آھيون جن اسان جي مشڪل گھڙي ۾ ھمدردي جو اظھار ڪرڻ ھتي پھتو آھي، اسان جا جائز مطالبه تسليم ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *