غزه جي پناهگير ڪيمپن ۽ اسپتالن تي دهشتگرد اسرائيل جا حملا 66 شهيد 100 زخمي

Aftermath of Israeli strikes on houses and residential buildings, in Beit Lahiya, in the northern Gaza Strip

Palestinians gather at the site of Israeli strikes on houses and residential buildings, amid the ongoing Israel-Hamas conflict, in Beit Lahiya, in the northern Gaza Strip October 20, 2024. REUTERS/Abdul Karim Farid

غزه جي پناهگير  ڪيمپن ۽ اسپتالن تي اسرائيل جي فورسز جا حملا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران يهودي فوج هٿان وڌيڪ 66 فلسطيني شهيد ۽ هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

عرب ميڊيا موجب، عدوان اسپتال ڀرسان حملي ۾30 فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته غزه جي الشفا اسٽريٽ تي اسرائيلي بمباري ۾ ٽن فلسطينين شهادت جو جام پيتو.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي جنگ جهازن بيت لاهيه، جباليه ۽ بيت حنون کي به نشانو بڻايو، ان کان علاوه خان يونس تي بمباري ۾ 5 ۽ رفح ۾ 7 فلسطيني شهيد ٿي ويا

عرب ميڊيا موجب، آڪٽوبر 2023 کان هن وقت تائيل اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿيلن جو مجموعي انگ 44 هزار 56 ٿي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *