سنڌ سرڪار، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

Photo_25423

سنڌ سرڪار، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون، ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون خالي ڪرائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي مدد وٺڻ جو فيصلو، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي بورڊ جو 13هون اجلاس، شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي جي زمينن تان غيرقانوني قبضا جلد کان جلد ختم ڪيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ جي مدد حاصل ڪئي وڃي، پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو مقصد ئي عوام کي رليف ڏيڻ آهي، سنڌ حڪومت ٻين شهرن ۾ به پيپلز بس سروس هلائڻ جو ارادو رکي ٿي، بس هلائڻ جا خواهشمند اسٽيڪ هولڊرز سروس ۾ سيڙپڪاري ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *