سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم جي نائين ورسي ملهائي وئي
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) نامياري برک سياستدان، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ پ پ پارليامينٽيرين جي اڳوڻي صدر مخدوم محمد امين فهيم جي اڄ نائين ورسي ملهائي وئي، هالا ۾ درگاهه سرور نوح جي اڱڻ ۾ مخدوم امين فهيم جي روح کي ايثال ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني ڪرائي وئي، ورسي ۾ شرڪت لاءِ سروري جماعت جا مريد ۽ عقيدتمند وڏي انگ ۾ پهتا، هوڏانهن اڄ مٽياري ضلعي ۾ عام موڪل سبب سرڪاري توڙي خانگي ادارا بند رهيا
