مٽياري ۾ چور مدرسي جي ٽرانسفارم مان ڪوائلون ڪڍي ويا، شاگردن جو احتجاج
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) مٽياري چور مدرسي جي ٽرانسفارم مان ڪوائلون ڪڍي ويا، شاگردن جو احتجاج، مٽياري بائي پاس تان مدرسه جامعيه غوثيه طاھريا جي ٻاھران لڳل ٽرانسفارمر جون چور ڪوئالون لاھي چوري ڪري ويا، گذريل ٽرانسفارمر مان چوري ٿيڻ سبب مدرسي ۾ اونداھي ڇائنجي وئي، جنهن ڪري مدرسي ۾ پڙھندڙ سوين کٿابي ۽ استاد پريشان آهن، چوري واقعي خلاف مدرسي جي استادن ۽ شاگردن احتجاج ڪيو سندن چوڻ آهي ته چور مدرسي جي ٽرانسفارمر کان به ناهن مڙيا، ٽرانسفارمر مان چوري ٿيڻ ڪري اونداهي سبب مشڪلاتون وڌي ويون آهن
