اوٻاوڙو ۾ پوليس جي ڪاروائي موٽرسائڪل چور گينگ گرفتار، موٽرسائڪلون هٿ

WhatsApp Image 2024-11-20 at 17.55.00_9092f8a2

اوٻاوڙو ( رپورٽ: غلام قمبر بوهڙ ) گرفتار ٿيل گروهن ”چاچڙ ۽ ڀٽا گينگ“ جي 5 ڄڻن وٽان چوري جون 6 موٽرسائڪلون برآمد ڪيون ويون ايس ايڇ او رمضان ملاح ڪاروائي ڪندي موٽرسائڪل چورن کي سوگهو ڪيو آهي

گرفتار ٿيلن ۾ غلام فريد چاڇڙ، عابد چاچڙ , ڀائي خان ڀٽو , عارف ميراڻي ۽ عبداللطيف ٻرڙو ۽ ٻيا شامل آهن

ان موقعي تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو حافظ عبدالقادر چاچڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايڇ او اوٻاوڙو رمضان ملاح ۽ ڪمون شهيد چوڪي انچارج شاهد ڪلهوڙ انٽيلجنس بيسڊ ڪاروائي ڪندي ڪافي عرصي کان سرگرم رهندڙ موٽر سائيڪل چور ٻن گروهن جي پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

جن وٽان  چوري ٿيل ڇھه موٽر سائيڪلون برآمد ڪيون ويون آهن گرفتار ٿيل ٻنهي گروهن جا چور اوٻاوڙو ۽ ڏهرڪي مان موٽر سائيڪلون چوري ڪندا رهيا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *