مٽياري: مخدوم امين فهيم جي نائين ورسي جي موقعي تي سڀاڻي موڪل جو اعلان
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) مشهور سياستدان مخدوم امين فهيم جي سڀاڻي نائين ورسي ملهائي ويندي، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر يوسف شيخ ضلعي اندر سڀاڻي 21 نومبر خميس تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، سڀاڻي ضلعي ۾ سمورا سرڪاري ادارا بند رهندا نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو، مخدوم امين فهيم 21 نومبر 2015ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو
