کپرو ڀرسان سماجي تنظيم طرفان مسجد جوڙائي وئي، ماڻهن ضرورت جو سامان تقسيم

WhatsApp Image 2024-11-19 at 19.01.13_1f69a269

کپرو ڀرسان ڳوٺ اميد رونجهو ۾ انساني ڀلائي جو ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم برکا ايڊ يوڪي طرفان مسجد جوڙائي وئي، جڏهن ته مقامي ماڻهن ۾ سلائي مشينون، ۽ غريب ٻارڙن لاءِ سردي کان بچاءُ جا ڪپڙا تقسيم ڪيا ويا

نيوز نائو ايڇ ڊي جي رپورٽر سجاد شر جي رپورٽ موجب سماجي تنظيم جي مقامي  والنٽيئرز حسن بوزدار، شهريار قائمخاني ۽  ٻين ڳالهائيندي چيو ته برکا ايڊ جي ڊونرز  جي تعاون سان اسان اڳ ۾ به  مقامي ماڻهن جي خدمت ڪندا رهيا آهيون،

سماجي تنظيم جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته برکا ايڊ جي تعاون سان کپرو ۾ فارميسي ميڊيڪل اسٽور قائم ڪيو ويو آهي جتي مقامي ماڻهن  کي اڌ قيمت ۾ دوا ڏني ويندي آهي جڏهن ته اسين مختلف ڳوٺن ۾ مسجدون جوڙائڻ کان علاوه مختلف انساني ڀلائي جا ڪم ڪندا رهندا آهيون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *