صوفي بزرگ انور سائين جو عرس 21 نومبر تي شروع ٿيندو، 25 نومبر تي عام موڪل جو اعلان
گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي سيد محمد علي پاران گهوٽڪي ضلعي اندر صوفي بزرگ انور سائين جي 64هين عرس مبارڪ جي موقعي تي 25 نومبر سومر تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، صوفي بزرگ انور سائين جو ساليانو 64هون عرس مبارڪ 21 نومبر کان 25 نومبر تائين جهانپور شريف ۾ ملهايو ويندو
