خيرپور: اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان چور ڪرولا ڪار چورائي ويا
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻٽڙي پاڙي ۾ نامعلوم چور ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل وحيد سامٽيو جي گهر ٻاهران بيٺل ڪرولا ڪار چوري ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز نيوز نائو ھٿ ڪري ورتا، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ جوابدارن کي ڪار چوري ڪندي صاف ڏسي سگھجي ٿو، ھوڏانھن وڪيل وحيد سامٽيو جو چوڻ آهي ته خيرپور شھر اندر بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪرڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، هن وڌيڪ چيو ته چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائي وڃي
