گهوٽڪي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل، لاش اسپتال منتقل
گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) پوليس موجب واقعو ڪچو ٻنڊي ون ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جتي ڪارنهن مامري تان جوابدارن ٻٽو قتل ڪيو آهي، ڳوٺ غلام سرور سندراڻي ۾ جوابدارن گهنور، فهيم، آدم، ۽ رفيق سندراڻي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ مائي سليمه ۽ ساجد سندراڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، مقتولن جا مڙهه سول اسپتال منتقل ڪيا ويا
