عثمان شاهه هڙي: عمرساند پوليس جي ڪاروائي منشيات فروش سوگهو
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز عباسي جي هدايتن تي منشيات خلاف عمرساند پوليس جون ڪاروائيون جاري آهن، ايس ايڇ او شوڪت ٻگهيو پوليس عملي سان گڏ الهه رکيو پٺاڻ لنڪ روڊ وٽان چيڪنگ دوران ڪاروائي ڪندي ڳوٺ علي شير راجپوت واسي منشيات فروش عمران راجپوت کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ سئو مين پوڙيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي گرفتار جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
