نيو سعيد آباد: بجلي جو بل زياده ڇو آيو! ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهي پيون ڪهاڙين جو استعمال

Maxwell-Rauf-T20-Preview

نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) وارڊ نمبر 5 ۾ گهر جي ميٽر تي بجليءَ جي زياده استعمال سبب بل زياده اچڻ تي ڀيڻويئي حملو ڪيو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي مزمل قائمخاني کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي جي اين سي داخل

نيوسعيدآباد جي وارڊ نمبر 5 ۾ گھر جي ميٽر مان بجلي جي زياده استعمال سبب بل گھڻو اچڻ جي معاملي تان ڀيڻويئي مختيار قائمخاني ۽ سندس پٽ فيضان قائمخاني ڪھاڙين جا وار ڪري مزمل قائمخاني کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي نيوسعيدآباد تعلقا اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد لمس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو

نينگر جي والد صادق قائمخاني نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *