خيرپور: فنڪشنل ليگ جي سڏ تي سنڌو تي نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاج

Maxwell-Rauf-T20-Preview

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن طرفان سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف مريم توپ چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي،  پيارو ڦلپوٽو، اقبال ڦلپوٽو، صابر سعيد مھيسر، عبدالجبار ٽڳڙ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌين جي قتل عام جو منصوبو آهي، ڪئنال اڏڻ سان پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ سنڌ اندر زراعت جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو، زراعت سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي تنهنڪري سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي تان هٿ کنيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *