قلات ۾ هٿياربندن جي حملي ۾ 7 سڪيورٽي اهلڪار شهيد
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ شاهه مردان چيڪ پوسٽ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ 7 سڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، 15 زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ شهيدن جا مڙهه ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيا ويا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران واقعي تي مذمت، سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار،
محسن نقوي چيو ته شهيدن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو، شهادت جو بلند رتبو ماڻيندڙ اهلڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا، شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين
