آسٽريليا ٻين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ٻين ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، آسٽريليا پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 147 اسڪور ٺاهيا، قومي ٽيم جي بالرن زبردست راند ڪندي ميزبان ٽيم کي 147 تائين محدود ڪيو.
قومي ٽيم جي بيٽنگ لائين جي شروعات مايوس ڪندڙ رهي سموري ٽيم 19.4 اوورن ۾ 134 جي مجموعي اسڪور تي آل آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته ميزبان ٽيم کي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي
ميگن برنارڊ کي 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ تي پليئر آف دي ميچ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو
