عثمان شاهه هڙي: ڊاسوڙي پوليس جي ڪاروائي هڪ منشيات فروش گرفتار
عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز عباسي جي هدايت تي ڊاسوڙي پوليس ميرآباد ڀرسان ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي ڳوٺ پيرو ٿيٻو واسي منشيات فروش منظور لاکو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 300 مضر صحت مائو گٽڪو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، گرفتار جوبدار خلاف ڊاسوڙي ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو
