شهدادپور ۾ نافرمان پٽ خلاف پيءَ ۽ ماءُ جو پريس ڪلب تي احتجاج
شهدادپور ( رپورٽ: مزمل مصطفيٰ ) جٽيا پاڙي واسي گلاب بالادي ۽ سندس گهرواري مسمات خديجه ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پٽ پوليس اهڪار شوڪت بالادي اسان مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، اسان جي پٽ سال 2012 ۾ خريد ڪيل زرعي زمين دوکي ۽ فراڊ ذريعي پنهنجي کاتي ڪرائي ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏي آهي، پيرسن گلاب بالادي دانهيو ته سموري عمر جي گڏ ڪيل ملڪيت مان پلاٽ ۽ دڪان خريد ڪيا جن تي پڻ شوڪت قبضو ڪري ڇڏيو آهي هنن دانهيو ته پٽ پوليس جي وَردي جي زور تي اسان جي زرعي زمينن، رهائشي پلاٽن ۽ دڪانن تي قبضا ڪري زيادتيون ڪري رهيو آهي نوٽيس وٺي نافرمان پٽ خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي
