ڏهرڪي ۾ چور دڪان جا تالا ٽوڙي 40 لک ماليت جون اڍائي سئو ڀاڻ جو ٻوريون چورائي ويا

WhatsApp Image 2024-11-16 at 14.50.51_04346b95

ڏهرڪي ( رپورٽ: عبدالله پيربخش راڄڙي ) ظفر بازار مان رات جو دير سان نامعلوم چور دڪان جا تالا ٽوڙي 40 لک ماليت جون اڍائي سئو ڀاڻ جون ٻوريون چورائي ويا آهن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب متاثر دڪاندار سان همردي طور ظفر بازار جي ڀاڻ ڊيلرن پنهنجا ڪاروبار مڪمل طور تي بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، ان موقعي تي متاثر دڪاندار نندر لعل ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته چور دليري اسان  اچي وچ شهر مان اڍائي سئو کان وڌيڪ ڀاڻ جون ٻوريون چوري ڪري ويا آهن، هن چيو ته چور آيا، وچ شهر مان اڍائي سئو ڀاڻ جون ٻوريون چورائي ويا، پوليس کي خبر ئي نه پئجي سگهي، چورن کي اڍائي سئو کان وڌيڪ ڀاڻ جون ٻوريون چورائڻ ۾ ڪافي ڪلاڪ لڳا هوندا، ليبر آندي هوندائون پوليس جو گشت هئڻ باوجود چور دليري سان هيڏي وڏي واردات ڪري هليا ويا ڪنهن کي خبر ئي ناهي پئي، متاثر دڪاندار نند لعل وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن چوري واپس نه ڪرائي وئي ته ضلعي گهوٽڪي اندر ڪاروبار نه ڪنداسين

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *