جسقم طرفان سنڌو مان 6 نوان ڪينال اڏڻ خلاف اعلانيل ڌرڻي لاءِ رابطه مهم تيز

Photo_25291

مٺياڻي: جسقم طرفان سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف 22 نومبر تي نوشهروفيروز نيشنل هاءِ وي تي اعلانيل ڌرڻي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ جسقم سرواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رابطه مهم جي تيز ڪري ڇڏي، مٺياڻي ۾ جسقم ڪارڪنن ريلي ڪڍي مين چوڪ تي جلسو ڪيو

ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، امتياز کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي شهه رڳ آهي جنهن کي به پنجاب بند ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌو درياهه تي پنجاب جو قبضو منظور ناهي،  پنجاب طاقت ۽ ڏاڍ مڙسي جي زور تي 6 نوان ڪئنال ڪڍي رهيو آهي جنهن سان پنجاب جي 40 لک ايڪڙ غير آباد زمين آباد ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي سرسبز ۽ آباد 40 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *