سنڌ جي 18 ضلعن ۾ ضمني اليڪشن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

images

ڪراچي جي 6 ضلعن کان علاوه سنڌ جي ٻين 12 ضلعن ۾ 22 مختلف ڪيٽيگريز لاءِ ووٽ ڪاسٽ ٿي رهيا آهن،

سکر جي 2 سيٽن تي يوسي نمبر 6 جي وائيس چيئرمين ۽ يوسي روهڙي جي چيئرمين لاءِ چونڊون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته نواب شاهه جي 4 سيٽن اوٻاوڙو جي يوسي ڪمون شهيد، جڏهن ته حيدرآباد ۾ 5 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 2 سيٽن تي ووٽنگ ٿي رهي آهي،

ٽنڊوالهيار جي يوسي لانڍي جي وارڊ نمبر 2 ۾ جنرل ڪائونسلر، لاڙڪاڻي جي وارڊ نمبر 2 رتوديرو ۾ جنرل ڪائونسلر ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي يونين ڪائونسل لاکا ۾ جنرل ڪائونسلر لاءِ ووٽنگ ٿي رهي آهي،

مٽياري ٽائون ڪميٽي جي وارڊ 7 تي پولنگ ٿي رهي آهي، جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 6 تي جنرل ڪائونسلر، شڪارپور يوسي نمبر 5 ۾ چيئرمين، يوسي نئون آباد ۾ چيئرمين ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪنڌر ۾ ڪائونسلر لاءِ پولنگ ٿي رهي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *