بلاول ڀٽو زرداري پاران ملڪ ۾ سموگ کان پريشان شهرين کي ڪراچي منتقل ٿيڻ جو مشورو
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايڪس تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ملڪ جي مختلف شهرن جي ماڻهن کي مشورو ڏنو ته هو سموگ کان بچڻ لاءِ ڪراچي اچن،
بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي مختلف شهرن جي آلودگي جا تفصيل پڻ ڏنا،
واضع رهي ته ملڪ ۾ سموگ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، جيڪا هينئر خلا مان به نظر اچڻ لڳي آهي، سموگ سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو ۽ مختلف هنڌن تان موٽرويز پڻ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن
