گلگت کان راولپنڊي ويندڙ ڄاڃين جي ڪوسٽر درياهه ۾ ڪري پئي، 18 ڄڻا فوت، ڪنوار زخمي

386535_1612782_updates

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) گلگت بلتستان جي علائقي استور کان راولپنڊي ويندڙ ڄاڃين جي ڪوسٽر درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن ۾ 25 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 18 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪنوار کي زخمي حالت ۾ درياهه مان ڪڍيو ويو

شروعاتي اطلاعن موجب درياهه مان 4 عورتن سميت 12 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته 10 گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪاروايون ڪيون پيون وڃن، حادثي بعد ويجهين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي سول اسپتال جي عملي کي الرٽ رهڻ جي هدايت

ٻئي طرف گلگت بلتستان جي وڏي وزير ڄاڃين جي ڪوسٽر کي پيش آيل حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *