بابا گرونانڪ جو 555هون جنم ڏهاڙو 15 نومبر تي ملهايو ويندو 3 هزار ڀارتي ياترين کي ويزه جاري
(مانيٽرنگ ڊيس ) نئين دهلي ۾ موجود پاڪستاني هاءِ ڪميشن سکن جي روحاني پيشوا بابا گرو نانڪ جي 555هين جنم ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 هزار کان وڌيڪ ڀارتي ياترين کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا آهن،
ترجمان پاڪستاني هاءِ ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڀارتي زائرين کي 14 کان 23 نومبر تائين ويزا جاري ڪيا ويا آهن
سک ياتري 14 نومبر جي صبح واگها بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندا، جڏهن ته گرو نانڪ جي 555 هين جنم ڏهاڙي جي تقريب 15 نومبر تي گوردوارا جنم استھان ننڪانه صاحب ۾ ٿيندي،
ڀارتي مهمان 19 نومبر تي گوردوارا دربار صاحب ڪرتارپور جي درگاهه تي حاضري ڀري تقريب ۾ شرڪت ڪندا، جڏهن ته ڀارتي ياتري 24 نومبر تي واگها بارڊر ذريعي واپس روانا ٿيندا،
