ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان نه آيو ته پاڪستان ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ڀارت سان نه کيڏندو، سخت فيصلي جو امڪان
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آئي سي سي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندو
هوڏانهن ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ حڪومت سان رابطو ڪري آگاهي ڏئي ڇڏي ته ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچڻ لاءِ تيار ناهي،
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڀارت پاران چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار تي پاڪستان گورنمينٽ پاران سخت فيصلا ڪرڻ تي غور شروع ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب جيڪڏهن پاڪستان ۾ ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ نه آيو ته پاڪستان به ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ڀارت سان ڪو به ميچ نه کيڏندو
ذريعن موجب حڪومت ان ڳالهه تي غور ڪري رهي آهي ته جيستائين ڀارت سان لاڳاپا بهتر نه ٿيندا، تيستائين هو ڪنهن به ٽورنامينٽ ۾ ڀارت سان ڪو به ميچ نه کيڏندا، پاڪستان هميشه ڀارت کي سٺو تاثر ڏيندو رهيو آهي، پر ڀارت هميشه سياست کي وچ ۾ آڻي ماحول خراب ڪيو آهي.
