ڏهرڪي: ليبر ڪالوني واسين جو واپڊه جي ناجائزين خلاف احتجاج
ڏهرڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) منظور شاهه، نور محمد دشتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ليبر ڪالوني کان پريس ڪلب ڏھرڪي تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالوني ۾ ڪجهه ماڻهن طرفان بل ادا نا ڪرڻ تي سموري ڪالوني جي گذريل 15 ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي، بجلي نا ھجڻ ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن کان رھواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، اختياريون مامري جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن
