دهشتگرد اسرائيل جي حملن ۾ وڌيڪ 44 فلسطيني ۽ 52 لبناني شهيد

Photo_25203

غزه جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 فلسطيني ۽ 52 لبناني شهيد ٿي وياآهن. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اتر غزا ۾ اسرائيلي بمباري سبب 19 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جنهن کانپوءِ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ وڌي 44 ٿي ويو آهي. غزه جي صحت واري وزارت موجب غزه ۾ شهيدن جو ڪل انگ 43 هزار 552 ٿي ويو آهي جڏهن ته 12 هزار 765 فلسطيني زخمي آهن. ٻئي طرف لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ اسرائيلي حملن جو سلسلو جاري آهي،لبنان جي ساحلي شهر طائر ۾ اسرائيلي حملي ۾ هڪ ڳورهاري عورت سميت 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. لبنان ۾ اسرائيلي فوج جي حملن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 شهري شهيد ٿي ويا،شام جي شهرن حلب ۽ ادلب ۾ اسرائيلي حملي ۾ ڪيترائي شامي فوجي پڻ زخمي ٿياآهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *