پنجاب حڪومت پاران سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچي ۾ رهندڙ 20 کان وڌيڪ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت 10 لک کان وڌائي هڪ ڪروڙ ڪرڻ جو اعلان
(ويب ڊيسڪ )سنڌ ۽ پنجاب جي گهوٽڪي، ڪشمور ۽ رحيم يار خان ضلعن جي ڪچن ۾ رهندڙ خطرناڪ ڌاڙيلن جي سر جي قيمت 10 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ ڪرڻ جو وڏو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، محڪمه داخلا پنجاب پاران جن ڌاڙيلن جي سر جي قيمت وڌائي وئي آهي انهن ۾ شاهد ولد ڪمال، مجيب ولد امان الله، وهاب ولد امان الله، غني ولد علي بخش، احمد عرف شوبي ولد رسول بخش، احمد ولد رسول بخش، عطالله ولد الله ڏتو، سبز علي ولد الله ڏتو، قبول ولد ميوو، ميرا ولد حضوري، لٺاڻي مڇ ڪترا ولد خاوند بخش، گورا ولد حسين بخش، ثناالله عرف ثنو ولد جهنگل شر، تنوير ولد غلام قادر، راهب شر، عمر شر ولد ساوڻ، ظهور ولد اڪبر، مورزادو ولد عبدالله، گل حسن ولد عالم، صداري ولد مراد شامل آهن، جڏهن ته ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۽ پنجاب جي ڪچن ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي گذريل ڪيتري ئي عرصي دوران درجنين اهلڪار شهادتون ماڻي چڪا آهن
